ڪراچي/ميهڙ ميونسپل ميهڙ ۾ ٿيل ڪرپشن بدعنوانين خلاف تحريڪ انصاف ضلعا دادو جو جنرل سيڪريٽري ۽ ميونسپل ڪاميٽي ميهڙ جو ڪائونسلر نياز علي ٻرڙو ۽ شهري اتحاد ميهڙ جو صدر عبدالستار چنہ هاءِ ڪورٽ ڪراچي پهچي ويا چيئرمين ميونسپل ميهڙ ۽ ڊي – سي دادو شاھ زمان کهڙو پيش چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس احمد علي شيخ جي ڊي سي ۽ چيئرمين ميونسپل کي سخت ڇنڊ چيف جسٽس سخت برهمي جو اظهار ڪندي چيو تہ عوام جي پئسي ۾ ٿيل بدعنوانين جو ذري ذري جو حساب ٿيندو عوام جي فلاح وَ بهبود ۽ ترقي لئي ملندڙ بجيٽ جو پئسو عوام جي امانت آهي چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس احمد علي شيخ صاحب جا ريمارڪس.